ڀٽ جو لڪ

ڀٽ جو لڪ: تعلقي جوهي ضلعي دادوءَ ۾ کيرٿر جبل مان نڪرندڙ نئن گاج جي اتر ۾ ڀٽ جي مٿان جيڪا چوٽي ۽ ماٿري واقع آهي، ان جو نالو ڪچرڪ آهي. هن ڀٽ جي لڪ جي رستي ڪچرڪ ماٿريءَ مان لنگهي، کيرٿر جي اولهه ۾ ڀٽ راڙ ماٿريءَ ۾ داخل ٿبو آهي. هي لڪ ڦوسي ۽ گدو لڪن جي ڀيٽ ۾ ڏکيرو ۽ اوچو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو